جمن احمداڻي

جمن احمداڻي

جمن احمداڻي

جمن احمداڻي: نوجوان ليکڪ جمن احمداڻيءَ جو پورو نالو محمد جمن ولد مسو خان احمداڻي آهي، 3 مئي 1971ع تي ڳوٺ مسو خان تعلقي ماتليءَ ۾ ڄائو. هن ايم اي (سنڌي)، ايم اي (سماجيات) ۽ ايم ايڊ تائين تعليم حاصل ڪئي آهي. پيشي جي لحاظ کان استاد آهي. جمن احمداڻي 1987ع کان لکڻ جي ابتدا ڪئي. سنڌي ادبي سنگت ٽنڊي غلام علي جو چار ڀيرا سيڪريٽري ۽ سنگت ضلعي بدين جو رابطا سيڪريٽري به رهي چڪو آهي، سٺو ڪهاڻيڪار آهي. سندس ڪهاڻين جا ٻه ڪتاب ’اداس موسمن جو شهر‘ ۽ ’رڳو بارش ئي ڪهاڻيون پڙهي ٿي‘ (2010ع) ڇپيا آهن. کيس ڪهاڻين تي مڃتا طور ’ڪينجهر ڪهاڻي اوارڊ‘ (1995ع) ۽ لائيف پروٽيڪٽيڊ سوسائٽيءَ پاران اوارڊ (2004ع) مليل آهن. ان کان سواءِ هڪ ناول به ڇپائيءَ هيٺ اٿس. جمن احمداڻي تحقيقي مضمون به لکندو رهندو آهي. 1995ع ڌاري ٻارن جي رسالي ’گلستان‘ جو ايڊيٽر به رهيو. اڄڪلهه نئين دمبالي، تعلقي ماتليءَ ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ جمن احمداڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1971.05.03  عيسوي

3 مئي 1971ع تي ڳوٺ مسو خان تعلقي ماتليءَ ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سنان بن سلامه
جلال محمد مخدوم2
عبدالحق عالماڻي
لڇمڻ سنگهه سوڍو
آخوند محمد حيات حاتم
ٽهلراماڻي آنند
امداد حسين (موسيقار)
ڄام ڀرمل- I
راوت رڻمل راٺوڙ
بي ايڇ ايلس
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون